المدثر
Al-Muddaththir
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
يَٰٓأَيُّهَا ٱلۡمُدَّثِّرُ
Open ayah 74:1اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
قُمۡ فَأَنذِرۡ
Open ayah 74:2کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
وَرَبَّكَ فَكَبِّرۡ
Open ayah 74:3۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
وَثِيَابَكَ فَطَهِّرۡ
Open ayah 74:4۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
وَٱلرُّجۡزَ فَٱهۡجُرۡ
Open ayah 74:5۽ پليتي کان پري رھ.
وَلَا تَمۡنُن تَسۡتَكۡثِرُ
Open ayah 74:6۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
وَلِرَبِّكَ فَٱصۡبِرۡ
Open ayah 74:7۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
فَإِذَا نُقِرَ فِي ٱلنَّاقُورِ
Open ayah 74:8پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
فَذَٰلِكَ يَوۡمَئِذٖ يَوۡمٌ عَسِيرٌ
Open ayah 74:9تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
عَلَى ٱلۡكَٰفِرِينَ غَيۡرُ يَسِيرٖ
Open ayah 74:10ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
ذَرۡنِي وَمَنۡ خَلَقۡتُ وَحِيدٗا
Open ayah 74:11مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.
وَجَعَلۡتُ لَهُۥ مَالٗا مَّمۡدُودٗا
Open ayah 74:12۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
وَبَنِينَ شُهُودٗا
Open ayah 74:13۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
وَمَهَّدتُّ لَهُۥ تَمۡهِيدٗا
Open ayah 74:14۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
ثُمَّ يَطۡمَعُ أَنۡ أَزِيدَ
Open ayah 74:15وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
كَلَّآۖ إِنَّهُۥ كَانَ لِأٓيَٰتِنَا عَنِيدٗا
Open ayah 74:16ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
سَأُرۡهِقُهُۥ صَعُودًا
Open ayah 74:17جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
إِنَّهُۥ فَكَّرَ وَقَدَّرَ
Open ayah 74:18بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
فَقُتِلَ كَيۡفَ قَدَّرَ
Open ayah 74:19پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
ثُمَّ قُتِلَ كَيۡفَ قَدَّرَ
Open ayah 74:20وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
ثُمَّ نَظَرَ
Open ayah 74:21وري (غور ڪري) ڏٺائين.
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ
Open ayah 74:22وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
ثُمَّ أَدۡبَرَ وَٱسۡتَكۡبَرَ
Open ayah 74:23وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
فَقَالَ إِنۡ هَٰذَآ إِلَّا سِحۡرٞ يُؤۡثَرُ
Open ayah 74:24پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
إِنۡ هَٰذَآ إِلَّا قَوۡلُ ٱلۡبَشَرِ
Open ayah 74:25ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
سَأُصۡلِيهِ سَقَرَ
Open ayah 74:26جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا سَقَرُ
Open ayah 74:27۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
لَا تُبۡقِي وَلَا تَذَرُ
Open ayah 74:28اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
لَوَّاحَةٞ لِّلۡبَشَرِ
Open ayah 74:29ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
عَلَيۡهَا تِسۡعَةَ عَشَرَ
Open ayah 74:30اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
وَمَا جَعَلۡنَآ أَصۡحَٰبَ ٱلنَّارِ إِلَّا مَلَٰٓئِكَةٗۖ وَمَا جَعَلۡنَا عِدَّتَهُمۡ إِلَّا فِتۡنَةٗ لِّلَّذِينَ كَفَرُواْ لِيَسۡتَيۡقِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُواْ ٱلۡكِتَٰبَ وَيَزۡدَادَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓاْ إِيمَٰنٗا وَلَا يَرۡتَابَ ٱلَّذِينَ أُوتُواْ ٱلۡكِتَٰبَ وَٱلۡمُؤۡمِنُونَ وَلِيَقُولَ ٱلَّذِينَ فِي قُلُوبِهِم مَّرَضٞ وَٱلۡكَٰفِرُونَ مَاذَآ أَرَادَ ٱللَّهُ بِهَٰذَا مَثَلٗاۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهۡدِي مَن يَشَآءُۚ وَمَا يَعۡلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلَّا هُوَۚ وَمَا هِيَ إِلَّا ذِكۡرَىٰ لِلۡبَشَرِ
Open ayah 74:31۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
كَلَّا وَٱلۡقَمَرِ
Open ayah 74:32سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
وَٱلَّيۡلِ إِذۡ أَدۡبَرَ
Open ayah 74:33۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
وَٱلصُّبۡحِ إِذَآ أَسۡفَرَ
Open ayah 74:34۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
إِنَّهَا لَإِحۡدَى ٱلۡكُبَرِ
Open ayah 74:35ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
نَذِيرٗا لِّلۡبَشَرِ
Open ayah 74:36(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
لِمَن شَآءَ مِنكُمۡ أَن يَتَقَدَّمَ أَوۡ يَتَأَخَّرَ
Open ayah 74:37اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
كُلُّ نَفۡسِۭ بِمَا كَسَبَتۡ رَهِينَةٌ
Open ayah 74:38سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
إِلَّآ أَصۡحَٰبَ ٱلۡيَمِينِ
Open ayah 74:39پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
فِي جَنَّٰتٖ يَتَسَآءَلُونَ
Open ayah 74:40(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
عَنِ ٱلۡمُجۡرِمِينَ
Open ayah 74:41ڏوھارين کان.
مَا سَلَكَكُمۡ فِي سَقَرَ
Open ayah 74:42ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
قَالُواْ لَمۡ نَكُ مِنَ ٱلۡمُصَلِّينَ
Open ayah 74:43چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
وَلَمۡ نَكُ نُطۡعِمُ ٱلۡمِسۡكِينَ
Open ayah 74:44۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ ٱلۡخَآئِضِينَ
Open ayah 74:45۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوۡمِ ٱلدِّينِ
Open ayah 74:46۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
حَتَّىٰٓ أَتَىٰنَا ٱلۡيَقِينُ
Open ayah 74:47تان جو اسان کي موت پھتو.
فَمَا تَنفَعُهُمۡ شَفَٰعَةُ ٱلشَّٰفِعِينَ
Open ayah 74:48پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
فَمَا لَهُمۡ عَنِ ٱلتَّذۡكِرَةِ مُعۡرِضِينَ
Open ayah 74:49پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
كَأَنَّهُمۡ حُمُرٞ مُّسۡتَنفِرَةٞ
Open ayah 74:50ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
فَرَّتۡ مِن قَسۡوَرَةِۭ
Open ayah 74:51جي شينھن کان ڀڳا ھجن.
بَلۡ يُرِيدُ كُلُّ ٱمۡرِيٕٖ مِّنۡهُمۡ أَن يُؤۡتَىٰ صُحُفٗا مُّنَشَّرَةٗ
Open ayah 74:52بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
كَلَّاۖ بَل لَّا يَخَافُونَ ٱلۡأٓخِرَةَ
Open ayah 74:53ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
كَلَّآ إِنَّهُۥ تَذۡكِرَةٞ
Open ayah 74:54سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
Open ayah 74:55پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
وَمَا يَذۡكُرُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُۚ هُوَ أَهۡلُ ٱلتَّقۡوَىٰ وَأَهۡلُ ٱلۡمَغۡفِرَةِ
Open ayah 74:56۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.