عبس
Abasa
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
عَبَسَ وَتَوَلَّىٰٓ
Open ayah 80:1مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.
أَن جَآءَهُ ٱلۡأَعۡمَىٰ
Open ayah 80:2ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.
وَمَا يُدۡرِيكَ لَعَلَّهُۥ يَزَّكَّىٰٓ
Open ayah 80:3۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.
أَوۡ يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ ٱلذِّكۡرَىٰٓ
Open ayah 80:4يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.
أَمَّا مَنِ ٱسۡتَغۡنَىٰ
Open ayah 80:5پر جنھن بي پرواھي ڪئي.
فَأَنتَ لَهُۥ تَصَدَّىٰ
Open ayah 80:6پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.
وَمَا عَلَيۡكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ
Open ayah 80:7ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.
وَأَمَّا مَن جَآءَكَ يَسۡعَىٰ
Open ayah 80:8۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.
وَهُوَ يَخۡشَىٰ
Open ayah 80:9۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.
فَأَنتَ عَنۡهُ تَلَهَّىٰ
Open ayah 80:10پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.
كَلَّآ إِنَّهَا تَذۡكِرَةٞ
Open ayah 80:11ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.
فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
Open ayah 80:12پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.
فِي صُحُفٖ مُّكَرَّمَةٖ
Open ayah 80:13(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.
مَّرۡفُوعَةٖ مُّطَهَّرَةِۭ
Open ayah 80:14جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.
بِأَيۡدِي سَفَرَةٖ
Open ayah 80:15لکندڙن جي ھٿن ۾.
كِرَامِۭ بَرَرَةٖ
Open ayah 80:16جي سڳورا ڀلارا آھن.
قُتِلَ ٱلۡإِنسَٰنُ مَآ أَكۡفَرَهُۥ
Open ayah 80:17ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.
مِنۡ أَيِّ شَيۡءٍ خَلَقَهُۥ
Open ayah 80:18(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.
مِن نُّطۡفَةٍ خَلَقَهُۥ فَقَدَّرَهُۥ
Open ayah 80:19مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.
ثُمَّ ٱلسَّبِيلَ يَسَّرَهُۥ
Open ayah 80:20وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.
ثُمَّ أَمَاتَهُۥ فَأَقۡبَرَهُۥ
Open ayah 80:21وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.
ثُمَّ إِذَا شَآءَ أَنشَرَهُۥ
Open ayah 80:22وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.
كَلَّا لَمَّا يَقۡضِ مَآ أَمَرَهُۥ
Open ayah 80:23ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.
فَلۡيَنظُرِ ٱلۡإِنسَٰنُ إِلَىٰ طَعَامِهِۦٓ
Open ayah 80:24پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.
أَنَّا صَبَبۡنَا ٱلۡمَآءَ صَبّٗا
Open ayah 80:25ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.
ثُمَّ شَقَقۡنَا ٱلۡأَرۡضَ شَقّٗا
Open ayah 80:26وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.
فَأَنۢبَتۡنَا فِيهَا حَبّٗا
Open ayah 80:27پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.
وَعِنَبٗا وَقَضۡبٗا
Open ayah 80:28۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.
وَزَيۡتُونٗا وَنَخۡلٗا
Open ayah 80:29۽ زيتون ۽ کجيون.
وَحَدَآئِقَ غُلۡبٗا
Open ayah 80:30۽ گھاٽا باغ.
وَفَٰكِهَةٗ وَأَبّٗا
Open ayah 80:31۽ ميوو ۽ گاھ (به).
مَّتَٰعٗا لَّكُمۡ وَلِأَنۡعَٰمِكُمۡ
Open ayah 80:32اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.
فَإِذَا جَآءَتِ ٱلصَّآخَّةُ
Open ayah 80:33پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.
يَوۡمَ يَفِرُّ ٱلۡمَرۡءُ مِنۡ أَخِيهِ
Open ayah 80:34انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.
وَأُمِّهِۦ وَأَبِيهِ
Open ayah 80:35۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.
وَصَٰحِبَتِهِۦ وَبَنِيهِ
Open ayah 80:36۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.
لِكُلِّ ٱمۡرِيٕٖ مِّنۡهُمۡ يَوۡمَئِذٖ شَأۡنٞ يُغۡنِيهِ
Open ayah 80:37انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.
وُجُوهٞ يَوۡمَئِذٖ مُّسۡفِرَةٞ
Open ayah 80:38ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.
ضَاحِكَةٞ مُّسۡتَبۡشِرَةٞ
Open ayah 80:39کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.
وَوُجُوهٞ يَوۡمَئِذٍ عَلَيۡهَا غَبَرَةٞ
Open ayah 80:40۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.
تَرۡهَقُهَا قَتَرَةٌ
Open ayah 80:41جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.
أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡكَفَرَةُ ٱلۡفَجَرَةُ
Open ayah 80:42اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.