النبإ
An-Naba
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
عَمَّ يَتَسَآءَلُونَ
Open ayah 78:1ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
عَنِ ٱلنَّبَإِ ٱلۡعَظِيمِ
Open ayah 78:2(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
ٱلَّذِي هُمۡ فِيهِ مُخۡتَلِفُونَ
Open ayah 78:3جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
كَلَّا سَيَعۡلَمُونَ
Open ayah 78:4ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
ثُمَّ كَلَّا سَيَعۡلَمُونَ
Open ayah 78:5وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
أَلَمۡ نَجۡعَلِ ٱلۡأَرۡضَ مِهَٰدٗا
Open ayah 78:6زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
وَٱلۡجِبَالَ أَوۡتَادٗا
Open ayah 78:7۽ جبلن کي ميخون؟
وَخَلَقۡنَٰكُمۡ أَزۡوَٰجٗا
Open ayah 78:8۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
وَجَعَلۡنَا نَوۡمَكُمۡ سُبَاتٗا
Open ayah 78:9۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
وَجَعَلۡنَا ٱلَّيۡلَ لِبَاسٗا
Open ayah 78:10۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
وَجَعَلۡنَا ٱلنَّهَارَ مَعَاشٗا
Open ayah 78:11۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
وَبَنَيۡنَا فَوۡقَكُمۡ سَبۡعٗا شِدَادٗا
Open ayah 78:12۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
وَجَعَلۡنَا سِرَاجٗا وَهَّاجٗا
Open ayah 78:13۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
وَأَنزَلۡنَا مِنَ ٱلۡمُعۡصِرَٰتِ مَآءٗ ثَجَّاجٗا
Open ayah 78:14۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
لِّنُخۡرِجَ بِهِۦ حَبّٗا وَنَبَاتٗا
Open ayah 78:15ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
وَجَنَّٰتٍ أَلۡفَافًا
Open ayah 78:16۽ گھاٽاباغ (به).
إِنَّ يَوۡمَ ٱلۡفَصۡلِ كَانَ مِيقَٰتٗا
Open ayah 78:17بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
يَوۡمَ يُنفَخُ فِي ٱلصُّورِ فَتَأۡتُونَ أَفۡوَاجٗا
Open ayah 78:18جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
وَفُتِحَتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتۡ أَبۡوَٰبٗا
Open ayah 78:19۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
وَسُيِّرَتِ ٱلۡجِبَالُ فَكَانَتۡ سَرَابًا
Open ayah 78:20۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتۡ مِرۡصَادٗا
Open ayah 78:21بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
لِّلطَّٰغِينَ مَـَٔابٗا
Open ayah 78:22جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
لَّٰبِثِينَ فِيهَآ أَحۡقَابٗا
Open ayah 78:23منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرۡدٗا وَلَا شَرَابًا
Open ayah 78:24اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
إِلَّا حَمِيمٗا وَغَسَّاقٗا
Open ayah 78:25تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
جَزَآءٗ وِفَاقًا
Open ayah 78:26(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
إِنَّهُمۡ كَانُواْ لَا يَرۡجُونَ حِسَابٗا
Open ayah 78:27ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
وَكَذَّبُواْ بِـَٔايَٰتِنَا كِذَّابٗا
Open ayah 78:28۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
وَكُلَّ شَيۡءٍ أَحۡصَيۡنَٰهُ كِتَٰبٗا
Open ayah 78:29۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
فَذُوقُواْ فَلَن نَّزِيدَكُمۡ إِلَّا عَذَابًا
Open ayah 78:30پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
إِنَّ لِلۡمُتَّقِينَ مَفَازًا
Open ayah 78:31بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
حَدَآئِقَ وَأَعۡنَٰبٗا
Open ayah 78:32جو باغ ۽ ڊاکون.
وَكَوَاعِبَ أَتۡرَابٗا
Open ayah 78:33۽ ھم عمر نوجوان زالون.
وَكَأۡسٗا دِهَاقٗا
Open ayah 78:34۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
لَّا يَسۡمَعُونَ فِيهَا لَغۡوٗا وَلَا كِذَّٰبٗا
Open ayah 78:35اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
جَزَآءٗ مِّن رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابٗا
Open ayah 78:36(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
رَّبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلۡأَرۡضِ وَمَا بَيۡنَهُمَا ٱلرَّحۡمَٰنِۖ لَا يَمۡلِكُونَ مِنۡهُ خِطَابٗا
Open ayah 78:37جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
يَوۡمَ يَقُومُ ٱلرُّوحُ وَٱلۡمَلَٰٓئِكَةُ صَفّٗاۖ لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنۡ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحۡمَٰنُ وَقَالَ صَوَابٗا
Open ayah 78:38جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
ذَٰلِكَ ٱلۡيَوۡمُ ٱلۡحَقُّۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ مَـَٔابًا
Open ayah 78:39اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
إِنَّآ أَنذَرۡنَٰكُمۡ عَذَابٗا قَرِيبٗا يَوۡمَ يَنظُرُ ٱلۡمَرۡءُ مَا قَدَّمَتۡ يَدَاهُ وَيَقُولُ ٱلۡكَافِرُ يَٰلَيۡتَنِي كُنتُ تُرَٰبَۢا
Open ayah 78:40بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.