الأعلى
Al-A'laa
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
سَبِّحِ ٱسۡمَ رَبِّكَ ٱلۡأَعۡلَى
Open ayah 87:1(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
ٱلَّذِي خَلَقَ فَسَوَّىٰ
Open ayah 87:2جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
وَٱلَّذِي قَدَّرَ فَهَدَىٰ
Open ayah 87:3۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
وَٱلَّذِيٓ أَخۡرَجَ ٱلۡمَرۡعَىٰ
Open ayah 87:4۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.
فَجَعَلَهُۥ غُثَآءً أَحۡوَىٰ
Open ayah 87:5پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
سَنُقۡرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰٓ
Open ayah 87:6اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُۚ إِنَّهُۥ يَعۡلَمُ ٱلۡجَهۡرَ وَمَا يَخۡفَىٰ
Open ayah 87:7مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
وَنُيَسِّرُكَ لِلۡيُسۡرَىٰ
Open ayah 87:8۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
فَذَكِّرۡ إِن نَّفَعَتِ ٱلذِّكۡرَىٰ
Open ayah 87:9پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
سَيَذَّكَّرُ مَن يَخۡشَىٰ
Open ayah 87:10جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
وَيَتَجَنَّبُهَا ٱلۡأَشۡقَى
Open ayah 87:11۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
ٱلَّذِي يَصۡلَى ٱلنَّارَ ٱلۡكُبۡرَىٰ
Open ayah 87:12جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.
ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحۡيَىٰ
Open ayah 87:13وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
قَدۡ أَفۡلَحَ مَن تَزَكَّىٰ
Open ayah 87:14بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
وَذَكَرَ ٱسۡمَ رَبِّهِۦ فَصَلَّىٰ
Open ayah 87:15۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
بَلۡ تُؤۡثِرُونَ ٱلۡحَيَوٰةَ ٱلدُّنۡيَا
Open ayah 87:16بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
وَٱلۡأٓخِرَةُ خَيۡرٞ وَأَبۡقَىٰٓ
Open ayah 87:17۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
إِنَّ هَٰذَا لَفِي ٱلصُّحُفِ ٱلۡأُولَىٰ
Open ayah 87:18بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
صُحُفِ إِبۡرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ
Open ayah 87:19جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.