الزلزلة
Az-Zalzala
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
إِذَا زُلۡزِلَتِ ٱلۡأَرۡضُ زِلۡزَالَهَا
Open ayah 99:1جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.
وَأَخۡرَجَتِ ٱلۡأَرۡضُ أَثۡقَالَهَا
Open ayah 99:2۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.
وَقَالَ ٱلۡإِنسَٰنُ مَا لَهَا
Open ayah 99:3۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.
يَوۡمَئِذٖ تُحَدِّثُ أَخۡبَارَهَا
Open ayah 99:4اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.
بِأَنَّ رَبَّكَ أَوۡحَىٰ لَهَا
Open ayah 99:5ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.
يَوۡمَئِذٖ يَصۡدُرُ ٱلنَّاسُ أَشۡتَاتٗا لِّيُرَوۡاْ أَعۡمَٰلَهُمۡ
Open ayah 99:6اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.
فَمَن يَعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّةٍ خَيۡرٗا يَرَهُۥ
Open ayah 99:7پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
وَمَن يَعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّةٖ شَرّٗا يَرَهُۥ
Open ayah 99:8۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.