الضحى
Ad-Dhuhaa
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
وَٱلضُّحَىٰ
Open ayah 93:1مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
وَٱلَّيۡلِ إِذَا سَجَىٰ
Open ayah 93:2۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ
Open ayah 93:3ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
وَلَلۡأٓخِرَةُ خَيۡرٞ لَّكَ مِنَ ٱلۡأُولَىٰ
Open ayah 93:4۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيكَ رَبُّكَ فَتَرۡضَىٰٓ
Open ayah 93:5۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
أَلَمۡ يَجِدۡكَ يَتِيمٗا فَـَٔاوَىٰ
Open ayah 93:6توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
وَوَجَدَكَ ضَآلّٗا فَهَدَىٰ
Open ayah 93:7۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
وَوَجَدَكَ عَآئِلٗا فَأَغۡنَىٰ
Open ayah 93:8۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
فَأَمَّا ٱلۡيَتِيمَ فَلَا تَقۡهَرۡ
Open ayah 93:9تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
وَأَمَّا ٱلسَّآئِلَ فَلَا تَنۡهَرۡ
Open ayah 93:10۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
وَأَمَّا بِنِعۡمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثۡ
Open ayah 93:11۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.