القدر
Al-Qadr
Translation: Sindhi - Taj Mehmood Amroti · Open the surah
بِسۡمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحۡمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
إِنَّآ أَنزَلۡنَٰهُ فِي لَيۡلَةِ ٱلۡقَدۡرِ
Open ayah 97:1بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.
وَمَآ أَدۡرَىٰكَ مَا لَيۡلَةُ ٱلۡقَدۡرِ
Open ayah 97:2۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.
لَيۡلَةُ ٱلۡقَدۡرِ خَيۡرٞ مِّنۡ أَلۡفِ شَهۡرٖ
Open ayah 97:3شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.
تَنَزَّلُ ٱلۡمَلَٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ فِيهَا بِإِذۡنِ رَبِّهِم مِّن كُلِّ أَمۡرٖ
Open ayah 97:4منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.
سَلَٰمٌ هِيَ حَتَّىٰ مَطۡلَعِ ٱلۡفَجۡرِ
Open ayah 97:5اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.